مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي هائوس اينڊ لائبريري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي هائوس اينڊ لائبريري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ڪميٽي قومي اسيمبلي ڪوآپريٽو ايمپلائز هائوسنگ سوسائٽي جي سائيٽ تي ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قائم ڪيل انٽر ڊپارٽمينٽل ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺندي فيڊرل ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي صدر جي غيرسنجيده رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. انٽر ڊپارٽمينٽل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته ايف اي سي ايڇ ايس جي صدر ڪميٽي جي گذريل اجلاس ۾ جن 226 پلاٽن جو قبضو ڏيڻجي خاطري ڪرائي هئي انهن مان رڳو 50 پلاٽ ان حالت ۾ آهن جو جيڪڏهن ايف اي سي ايڇ ايس انتظاميا پاڻي ۽ بجلي مهيا ڪري ته انهن تي تعميراتي ڪم ممڪن آهي باقي 176 پلاٽن تي ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو ته 176 پلاٽن جي جاءِ تي هڪ اونهي کائي آهي ۽ انهن پلاٽن تي وڌيڪ هڪ سال تائين ترقياتي ڪم مڪمل ڪرڻ ممڪن نه آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ايف اي سي ايڇ ايس جي صدر ڪرنل نظرالاسلام ڪميٽي کي خاطري ڪرائي هئي ته 30 ڊسمبر 2015ع تائين 1093 پلاٽن جو قبصو ميمبرن کي ڏنو ويندو جنهن کانپوءِ ان جي درخواست تي 30 اپريل 2016ع تائين توسيع ڏني وئي هئي پر بار بار جي خاطرين باوجود ميمبرن کي قبضو ڏيڻ ۾ سستي کان ڪم ورتو پيو وڃي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو