قومي اسيمبلي جي قومي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) قومي اسيمبلي جي قومي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته دوائن ۽ ان جي پيڪنگ جو معيار بهتر بڻايو وڃي جڏهن ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) جي مسئلن جو حل ڪڍيو وڃي جڏهن ته ڊريپ پاران ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال هيستائين 2110 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، 3700 التوا ۾ پيل ڪيس اڪلايا ويا، نون لائيسنسن جي حوالي سان ملندڙ سموريون درخواستون اڪلايون ويون آهن.ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن چيئرمين خالد حسين مگسي جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽي، شڪيلا خالد لقمان، ڊاڪٽر نثار جٽ، زهره ودود فاطمي، ڊاڪٽر مهرين رضا ڀٽو، اميرالله مروت، ڊاڪٽر اظهر جدون، نگهت شڪيل ۽ قاري محمد يوسف کانسواءِ قومي صحت ۽ خدمتن واري مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

ڊريپ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڊريپ جا مسئلا وزارت ۽ ڊريپ گڏجي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي تعاون سان حل ڪندا. هن ٻڌايو ته اسان جو مشن ۽ ڌيان دوائن جي معيار جي بهتري ۽ گهٽ قيمتن تي فراهمي آهي. هن ٻڌايو ته ٽي نوان قاعدا متعارف ڪرايا ويا آهن. هن ٻڌايو ته 2015ع دوران ڊريپ ڊرگ پراڊڪٽس جي 2775 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا جڏهن ته هلندڙ سال 2110 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، 3700 التوا ۾ پيل ڪيس اڪلايا ويا. هن ٻڌايو ته نوان ڊرگ مينوفيڪچرنگ لائيسنس جاري ڪرڻ جي لاءِ ملندڙ سموريون درخواستون اڪلايون ويون آهن ۽ ڪو ڪيس التوا ۾ نه آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو