قومي اسيمبلي پاران سوالن جي وقفي ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي حوالي سان ترميمون اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) قومي اسيمبلي قاعدا ۽ ضابطه 2007ع جي قاعدي ۾ سوالن جي وقفي ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي حوالي سان ڪجهه ترميمن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.

اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 2007ع ۾ ترميم آڻڻ لاءِ لاڳاپيل قاعدا معطل ڪيا وڃن، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ زاهد حامد قاعدي 71 ۾ ترميم پيش ڪئي، سيد نويد قمر چيو ته ذيلي ڪميٽي جي حوالي سان ابهام موجود آهي، اسپيڪر چيو ته ڪائونسل آف چيئرپرسن جي اجلاس ۾ اها ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته تجويز ڪيل ترميم کي منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو