هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تي آمريڪي ايٽمي حملا حڪومتي دهشتگردي آهن:سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) قومي اسيمبلي ۾ اڱاري ڏينهن ٻي جنگ عظيم ۾ جاپان جي شهر ناگا ساڪي تي آمريڪا جي ايٽمي حملي جي ورسي جو تذڪرو ٿيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته 6 آگسٽ 1945ع تي هيرو شيما ۽ 9 آگسٽ ناگا

ساڪي تي آمريڪا ايٽمي حملا ڪيا، اها حڪومتي دهشتگردي جي برابر آهي، جنهن ۾ لکين ماڻهو زندگي جي بازي هاري ويا، هن چيو ته هيرو شيما تي ايٽمي حملي ۾ هڪ اندازي موجب هڪ لک 46 هزار ماڻهو ۽ 9 آگسٽ تي ناگا ساڪي تي حملي ۾ 80 هزار ماڻهو مارجي ويا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو