پاڪ چين اقتصادي لنگهه مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ خطو دنيا سان نئين سر ڳنڍجي ويندو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29مارچ2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ هي خطو دنيا سان نئين سر ڳنڍجي ويندو، سائنسدان ۽ انجنيئرز اقتصادي لنگهه کي ڪامياب بڻائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ڇو ته لنگهه جي فعال ٿيڻ کانپوءِ خطي ۾ نيون ٽيڪنالاجيز اينديون ۽ نوان ڪاروبار شروع ٿيندا، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي وڏي انگ ۾ افرادي قوت جي ضرورت پوندي، پاڪستان جي تعليمي ادارن کي چين ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ علم فنون جي ادارن سان گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن. صدر اها ڳالهه نيشنل يونيورسٽي فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرز پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪ چين اقتصادي لنگهه: موقعا ۽ چئلينجز جي موضوع تي هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير رانا تنوير حسين، پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبي تي ڪم شروع ٿيڻ ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان جو ملڪ ۽ هي خطو زميني، سامونڊي ۽ فضائي ذريعن سان پوري دنيا سان هڪ نئين طريقي سان ڳنڍجي ويندو جنهن جي نتيجي ۾ صنعت ۽ واپار ئي نه پر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هڪ اهڙو انقلاب ايندو جنهن جو مثال اسان کي ماضي ۾ نه ٿو ملي. صدر چيو ته مواصلاتي رابطن ۽ ڪاروباري موقعن مان بهتر طريقي سان فائدو کڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته بدلجندڙ حالتن ۾ ذميواريون سنڀالڻ جي لاءِ اسان کي ملڪ مان ئي سائنسدان، انجنيئرز ۽ مختلف شعبن جا ماهر دستياب هجن، ان لاءِ اسان جي انجنيئرز کي خبر هجڻ گهرجي ته مستقبل ۾ ڪاروبار جون ڪهڙيون صورتون هونديون ۽ اهي نوان ڪاروبار ڪهڙين صنعتن ۽ ٽيڪنالاجيز کي هن خطي ۾ آڻڻ جو ذريعو بڻجندا، انهن موضوعن تي هينئر کان ئي غور شروع ڪيو وڃي ۽ ٻاهرئين ملڪ انهن شعبن جي ماهرن کانسواءِ خاص طور تي چيني ماهرن ۽ ادارن سان پنهنجا ويجها رابطا قائم ڪيا وڃن ته جيئن وقت گذرڻ سان گڏ اسان جا نوجوان انهن معاملن کي سنڀالڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃن.

صدر چيو ته اسان پنهنجي انهن مسئلن تي مڪمل طور تي ضابطو آڻي سگهون ٿا پر ان سان گڏ ئي اها ڳالهه به نظر ۾ رکي وڃي ته جيڪي حڪمت عملي تجويز ڪئي وڃي، ان ۾ ايتري لچڪ ۽ گنجائش ضرور هجڻ گهرجي جيڪا اقتصادي لنگهه جي فعال ٿيڻ کانپوءِ به پيش ايندڙ حالتن ۾ اسان جي ڪم اچي سگهي. هن چيو ته ويزنري سائنسدان ۽ انجنيئر جي حيثيت سان توهان جي ٻي اهم ذميواري اها آهي ته پنهنجي وقت جي سائنسي علم تي توهان جي گرفت ايتري مضبوط هجي جو ان جي مدد سان مستقبل جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، خاص طور تي پاڪ چين اقصادي لنگهه جي فعال ٿيڻ کانپوءِ متعارف ٿيندڙ ٽيڪنالاجي، صنعتن ۽ ڪاروبار جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندڙ هر معاملي جو ادراڪ هينئر کان ئي ڪري سگهجي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي تياري به شروع ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي سيمينار ان سلسلي ۾ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪندو. صدر چيو ته زندهه قومن جا تعليمي ادارا متحرڪ ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت رکن ٿا ۽ اهي رياست کي درپيش سمورن چئلينجن کي پنهنجي پهرين ذميواري سمجهن ٿا ۽ انهن تي غور فڪر ڪري حڪومت آڏو پنهنجي تحقيق ۽ بحث جو نتيجو رکي ڏين ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ جي تعليمي ادارن جي اهتمام هيٺ اهڙي قسم جون سرگرميون اڳتي به جاري رهنديون ته جيئن پاڪ چين اقتصادي لنگهه ئي نه پر ملڪ کي مستقبل ۾ پيش ايندڙ ٻين موقعن ۽ چئلينجز کي به منهن ڏئي سگهجي. ان موقعي تي وفاقي وزير رانا تنوير خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي، اقتصادي لنگهه ان ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. سيمينار کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ چيو ته اقتصادي لنگهه جو منصوبو هن خطي جي لاءِ، ون بيلٽ ون روڊ، ويزن جو عڪاس آهي، ان منصوبي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ خطي جي سمورن ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۾ اضافو ٿيندو ۽ هي خطو ترقي ڪندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون