سينيٽ ۾ مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽي جون رپورٽون پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28مارچ2017ء) سينيٽ ۾ مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽي جون رپورٽون پيش ڪيون ويون آهن. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران گهرو ماملن ۽ منشيات جي خاتمي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر اي رحمان ملڪ پراونشل موٽر وهيڪلز (ترميمي) بل 2016ع، مجموعه تعزيرات پاڪستان (ترميمي) بل 2017ع ۽ منشيات جي مواد جي روڪٿام جي (ترميمي) بل 2017ع، مجموعه تعزيرات پاڪستان (ترميمي) بل 2017ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون ايوان ۾پيش ڪيون.

اهي بل سينيٽر عتيق شيخ، سينيٽر سراج الحق، سينيٽر چوڌري تنوير خان ۽ سينيٽر اعظم سواتي پيش ڪيا هئا، سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پاران سينيٽر ڪامل علي آغا گن اينڊ ڪنٽري ڪلب اسلام آباد جي ڪارڪردگي خاص طور تي ڪلب جي ملازمن پاران تازي هڙتال ۽ احتجاج جي معاملي تي ڪميٽي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي، ڪميٽي جي ان رپورٽ کي منظور ڪرڻ جو معاملو ملتوي ڪيو ويو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو