فوجي عدالتن جي حوالي سان آئيني ترميم تي مشاورتي اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) فوجي عدالتن جي حوالي سان آئيني ترميم تي مشاورتي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ پيپلزپارٽي کانسواءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ٻين پارلياماني پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميڊيا جي نمائندن کي اجلاس جا مختصر تفصيل ٻڌائيندي چيو ته پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ هي طئي ٿيو ته اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، هن چيو ته سمورا پارلياماني اڳواڻ اڄ فوجي عدالتن جي مدي ۾ توسيع تي متفق هئا تنهن هوندي به پيپلزپارٽي پنهنجي ڪجهه خدشن سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي، پيپلزپارٽي هي چاهي ٿي ته قومي سلامتي ڪميٽي جلد بڻجي وڃي، هن چيو ته آئون ۽ مولانا فضل الرحمان ان حوالي سان پيپلزپارٽي سان رابطو ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته پيپلزپارٽي جا اهي خدشا آهن ته ڪيتري عرصي ۾ ڪهڙا هدف حاصل ڪرڻا آهن ته جيئن فوجي عدالتون مستقل نه هجن، هن چيو ته هڪ نگران ڪميٽي جي قيام جي به تجويز آهي جنهن تي آئنده غور ڪيو ويندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو