پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي 18 – 2017ع جي چونڊن جو شيڊيول جو اعلان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22فروری2016ء) پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي 18 – 2017ع جي چونڊن جو شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن موجب پولنگ 10 مارچ تي ٿيندي. پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي چونڊ ڪميٽي پاران جاري ٿيندڙ شيڊيول موجب ووٽر فهرست تي اعتراضن جي وصولي 23 ۽ 24 فيبروري، نامزدگي ڪاغذن جي وصولي 27 ۽ 28 فيبروري، نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ پهرين مارچ تي ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ 2 مارچ تي واپس وٺي سگهجن ٿا جڏهن ته 3 مارچ تي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

صدر، سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري، نائب صدرن ۽ جوائنٽ سيڪريٽرين جي اميدوارن کان هڪ هزار رپيا فيس جڏهن ته گورننگ باڊي جي اميدوارن کان 500 رپيا في ڪس فيس وصول ڪئي ويندي. پي آر اي جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار 23 فيبروري تي نامزدگي ڪاغذ پي آر اي آفيس مان وصول ڪري سگهن ٿا. صحافين جي ڪنهن به تنظيم جو عهديدار پي آر اي جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اهل نه هوندو. نامزدگي ڪاغذن سان گڏ پي آر اي ميمبر فيس جي رسيد ڏيکارڻ لازمي هوندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو