وزيراعظم سان ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو جي ملاقات

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ26جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سوئٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عمر اشراق گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزير سائره افضل تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص مددگار علي جهانگير صديقي ۽ ٻيا سينئر حڪومتي اهلڪار به ان موقعي تي موجود هئا.

وزيراعظم ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر کي وزيراعظم صحت پروگرام ۽ پوري ملڪ ۾ حفاظي ٽڪن جي ڪوريج ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو، هن صحت جي جامع سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ميڊ ٽرانڪ کي پاڪستان ۾ تربيتي ۽ تعليمي مرڪز کولڻ ۽ پاڪستاني اسپتالن سان حصيداري جي دعوت ڏني، وزيراعظم صحت بابت تحقيق ۽ لاڳاپيل گڏيل منصوبن جي ضرورت تي به زور ڏنو، ملاقات ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي بابت مختلف ماڊلز جو به جائزو ورتو ويو، ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ مستقبل ۾ صحت بابت چئلينجن ۽ نتيجن تي ٻڌل صحت جي خدمتن ۾ مدد جي آڇ ڪئي، هن پاڪستان ۾ حڪومتي يا نجي سطح تي جديد ترين اسپتالن جي قيام ۾ شراڪتداري جي آڇ به ڪئي، واضح رهي ته ميڊ ٽرانڪ سڄي دنيا ۾ صحت عامه جي جامع ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪمپني آهي جيڪا دل جي مرض، ذيابطيس ۽ ٻين بيمارين جي انتظام ۽ انصرام ۾ اهم خدمتون فراهم ڪري رهي آهي. 

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون