عالمي ادارو والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ پنهنجي ذميداري پوري ڪري: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مطالبو ڪيو آهي ته عالمي ادارو والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ پنهنجي ذميداري پوري ڪري ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪشمير تي خصوصي نمائندو مقرر ڪري جيڪو سلامتي ڪائونسل جي پراڻي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ۽ انساني حقن جو هاءِ ڪمشنر ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو پتو لڳائڻ ۽ ان جي ذميدارن کي سزا ڏيارڻ ۽ متاثرين کي انصاف ۽ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪميشن موڪلي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته هو والاريل ڪشمير ۾ پيلٽ گنن سان ڪشميرين تي حملن ۽ معصوم شهرين تي تشدد ۽ ظلمن جو سلسلو بند ڪرائي. رياستي پاليسي جي طور تي عورتن سان زيادتين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي. ميڊيا جو بليڪ آئوٽ ختم ڪيو وڃي. والاريل ڪشمير ۾ ڊريڪونين هنگامي قانون ختم ڪيا وڃن ۽ سموري ڪشميري سياسي قيادت کي آزاد ڪيو وڃي.

وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي ظلمن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪشمير ۾ لائين آف ڪنٽرول تي فائربندي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال جنوري کان هيستائين فائربندي جون 600 خلاف ورزيون ڪري چڪو آهي، پاڪستان ان صورتحال تي صبر جو مظاهرو ڪيو آهي. پر جيڪڏهن لائين ڪنٽرول تي ڀارت ڪنهن به قسم جي مهم جوئي ڪندو يا پاڪستان جي خلاف محدود جنگ جي ڊاڪٽرين تي عمل پيرا ٿيندو ته ان کي مضبوط ۽ برابر جو جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي پرامن ۽ فوري حل لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان امن عمل کي بحال ڪرڻ تي تيار نه آهي، اسان سلامتي ڪائونسل تي زور ڏيون ٿا ته هو والاريل ڪشمير تي پنهنجي قرارداد تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ پنهنجي ذميداري پوري ڪري، ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪشمير تي خصوصي نمائندو مقرر ڪري جيڪو سلامتي ڪائونسل جي پراڻي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو