وزيراعظم نواز شريف ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف جي نويڪلائي ۾ ملاقات

دوشنبي (پاکستان نیوزپوائنٹ 5جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف ڪالهه اربع ڏينهن هتي نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي ۽ واپار، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو. پيلس آف دي نيشن ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ويجهي سياسي رابطن کي اسٽريٽجڪ تعاون ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. صدر ۽ وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان پنهنجي دوستي جا 25 سال ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرشپ حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان صدر امام علي رحمانوف جي قيادت ۾ ٿيندڙ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي ساراهي ٿو. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ تعاون جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جڏهن ته ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 500 ملين ڊالر تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 2017ع ۾ بزنس فورم کانسواءِ 2015ع ۾ دوشنبي ۾ ٽي واپاري نمائشون منعقد ڪيون. نواز شريف چيو ته پاڪستان ڪاسا 1000 بجلي منصوبن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جنهن سان علائقائي تعاون وڌندو.

هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي تعاون سان علائقائي رابطا مضبوط ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان، ڪرغزستان ۽ قزاخستان سان تاجڪستان جو ٽريفڪ ٽرانزٽ ٺاهه ان ڏس ۾ تمام گهڻو فائديمند ٿيندو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته گوادر جو سامونڊي شهر تاجڪستان جي لاءِ بهتر واپاري روٽ فراهم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪاررواين جي سلسلي ۾ رد الفساد ۽ ضرب عضب آپريشن شروع ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير جي مسئلي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها ڪشمير تي ڀارتي پاليسين کي رد ڪري ڇڏي. نواز شريف چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. ٻنهي اڳواڻن زراعت، صنعت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ سندن مددگار به ٻنهي اڳواڻن سان گڏ صدارتي محل ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شامل ٿي ويا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو