پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجي ويوپاڪستان ۽ ايس سي او جي ميمبرن جي لاءِ هي تاريخي ڏينهن آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

آستانه (پاکستان نیوزپوائنٹ 9جون2017ء) پاڪستان جمعي ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مملڪتي سربراهه ڪائونسل جي 17 هين اجلاس دوران ايس سي او جو باضابطا طور تي مڪمل ميمبر بڻجي ويو. قزاخستان جي صدر نور سلطان نذربايوف 17 هين ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي پڄاڻي تي باني ميمبرن پاران دستاويز تي صحيحن کانپوءِ ان ڏس ۾ باقاعده اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي وفد سان گڏ ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، واپار وارو وزير خرم دستگير ۽ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڄام ڪمال به وزيراعظم سان گڏ هئا. قزاخستان جي صدر نور سلطان نذربايوف، چين جي صدر شي جن پنگ، ڪرغزستان جي صدر الماس بيگ اتام بايوف، روس جي صدر ولادي مير پيوٽن، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزوف، افغانستان جي صدر اشرف غني، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشنڪو ۽ منگوليا جي صدر تاخيا جن البگدورج پنهنجي تقريرن ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف کي مبارڪباد ڏني. ان کان اڳ باضابطا آجياڻي واري تقريب ٿي جنهن ۾ قزاخستان جي صدر وزيراعظم نواز شريف جو شاندار استقبال ڪيو، ٻئي پاسي وزيراعظم محمد نواز شريف ايس سي او جي مملڪتي سربراهه ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هي پاڪستان ۽ ايس سي او جي ميمبرن جي لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، وزيراعظم تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪرڻ تي چين، روس سميت باني ميمبرن ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا.

هن چيو ته پاڪستان ايس سي او جي نظام کان اڻ واقف نه آهي پر هن سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان جي مختلف فورمن تي گڏجي ڪم ڪندي گهرا رابطا هموار ڪيا آهن، ياد رهي ته پاڪستان 2005ع کان ايس سي او جو مبصر رهيو ۽ هن 2010ع ۾ تنظيم جي مڪمل ميمبرشپ جي لاءِ درخواست ڏني هئي، پاڪستان کي مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جو اصولي فيصلو 2015ع ۾ روس جي شهر اوفا ۾ ٿيندڙ ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ ڪيو ويو هو، مبصر جي حيثيت سان پاڪستان تنظيم جي اجلاسن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ ان جي قدمن جي سرگرمي سان حمايت ڪئي، پاڪستان جا ايس سي او ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطن سان گڏوگڏ مضبوط اقتصادي ۽ اسٽرٽجڪ لاڳاپا هموار آهن.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو