ترڪي جي حڪومت پاران وزيراعظم جو پرجوش استقبال

انقره (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) ترڪي جي حڪومت طرفان وزيراعظم محمد نواز شريف جو پرجوش استقبال ڪيو ويو ان سلسلي ۾ باقاعده تقريب خميس ڏينهن چنڪايا پيلس ۾ منعقد ٿي، ترڪ هم منصب بن علي يلدرم سان ملاقات لاءِ چنڪايا پيلس آمد تي وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو، وزيراعظم

آفيس موجب ترڪي جي وزيراعظم سندس استقبال ڪيو، ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ گرم جوشي جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، ترڪ هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم محمد نواز شريف کي سلامي پيش ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو