تماڪ ڇڪڻ کان منع ڪرڻ ۽ تماڪ نه ڇڪيندڙ ماڻهن جي صحت جي تحفظ جو (ترميمي) بل 2017ع پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) تماڪ ڇڪڻ کان منع ڪرڻ ۽ تماڪ نه ڇڪيندڙ ماڻهن جي صحت جي تحفظ جو (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي ته قومي اسيمبلي رد ڪري ڇڏي.

ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر نگهت شڪيل خان رٿ پيش ڪئي ته تماڪ ڇڪڻ کان منع ڪرڻ ۽ تماڪ نه ڇڪيندڙ ماڻهن جي صحت جي تحفظ جو (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته تماڪ ڇڪڻ سان ڦڦڙن جي ڪينسر ۽ دل جا مرض وڌي رهيا آهن، موجوده قانونن تي عملدرآمد ناهي ٿيندو، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن چيو ته جيڪڏهن ان حوالي سان قانون ۾ ترميم ٿي ته اهو اسلام آباد جي حدن تائين محدود ٿي ويندي، کليل سگريٽن جي وڪري جي روڪٿام تي ڪم ٿي رهيو آهي، هن بل جي مخالفت ڪئي، قومي اسيمبلي بل پيش ڪرڻ جي رٿ رد ڪري ڇڏي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو