ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غلط ٿيو: ميان رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غلط ٿيو، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر واقعي جي جاچ ڪرائي رهيو آهي.

جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ مخالف ڌر پارٽين طرفان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٿيڻ نه گهرجي، اهڙي طرح جا واقعا پارلياماني آدابن جي خلاف آهن، عوام ڇا انهن ماڻهن کي ان مقصد لاءِ موڪليو هو، هن چيو ته خميس تي ٿيل واقعي جي اسپيڪر جاچ ڪرائي رهيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي سينئر سياستدان آهي ۽ ڌيمي انداز جو آهي، هن ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م16:37

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو