پاڪستان ۾ هڪ ملين جي لڳ ڀڳ اهڙا افغاني آهن جنهن جي ڪاغذن ۾ داخلاناهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔28 جولائی۔2016) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ ملين جي لڳ ڀڳ اهڙا افغاني آهن جنهن جي ڪاغذن ۾ داخلا ناهي، هاڻي فيصلو ڪيو آهي ته افغاني پاڻ پنهنجي ماڻهن جي ڊاڪومينٽيشن ڪندا ۽ انهن کي ڪاغذ جاري ڪيا ويندا، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي واپسي جو پلان سيفران واري وزارت جوڙيو آهي، خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر احمد حسن جي سوال جي جواب ۾ سيفران واري وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ ٻڌايو ته موجوده وقت ۾ پاڪستان ۾ 1.5 ملين رجسٽرڊ ۽ هڪ ملين اهڙا افغاني آهن جن جي ڪاغذن ۾ داخلا نه آهي، هاڻي فيصلو ٿيو آهي ته افغاني پاڻ پنهنجي ماڻهن جي ڊاڪومينٽيشن ڪندا ۽ انهن کان اتي ڪاغذ جاري ڪيا ويندا، افغان حڪومت تي ان سلسلي ۾ زور ڏئي رهيا آهيون، ان جي ڪارروائي جو انتظار آهي، وزيراعظم رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي پي آر او ڪارڊ جي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2016ع تائين توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي ان کانپوءِ ڪا به وڌيڪ توسيع نه ڏني ويندي.

سيفران واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي اها ڪميٽي وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ رجسٽرڊ پناهگيرن جي جلد وطن واپسي جو پلان جوڙيندي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي فوري واپسي جو پلان سيفران واري وزارت پاران جوڙيو ويو آهي، افعان پناهگير 30 سيڪڙو ڪيسن ۾ ۽ 70 سيڪڙو ڪيسن کان ٻاهر آهن، ڪيترائي پناهگير هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ويا آهن، هڪ وڏو تعداد ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد ۾ آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:46

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون