صدر پاران ابابيل ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24جنوری2016ء) صدر ممنون حسين ابابيل ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم، پاڪ فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏني آهي.

صدر چيو ته ميزائيل جو تجربو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه پر ان جو مقصد خطي ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ آهي. هن چيو ته ميزائيل جو ڪامياب تجربو خطي جي امن ۽ طاقت جي توازن جي لاءِ اهم آهي ۽ پاڪستاني دفاعي نظام ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 19:24

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو