ڪنوينشن سينٽر ويجهو تعمير ٿيندڙ 5 اسٽار هوٽل سيل آهي: مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪنوينشن سينٽر ويجهو تعمير ٿيندڙ 5 اسٽار هوٽل سيل آهي، پلاٽ هوٽل جي لاءِ خريد ڪيو پر فليٽس ٺاهي وڪرو ڪيا ويا، اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران فرحت الله بابر چوڌري تنوير خان ۽ اعظم سواتي جي سوالن جي جواب ۾ ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ويجهو فائيو اسٽار هوٽل جي تعمير لاءِ پلاٽ

جي قيمت 14 هزار 500 في چورس گز مقرر ڪئي وئي هئي، پر بي اين پي گروپ سڀ کان وڌيڪ 75 هزار في چورس گز روپين جي ٻولي ڏني، ڪل رقم 4882 ملين روپين مان 1247 ملين روپيا ادا ڪيا ويا آهن، هاءِ ڪورٽ جي حڪم مطابق ليز حاصل ڪندڙ پارٽي پاران 200 ملين روپين جي واجب الاادا قسط 30 ڊسمبر 2016ع تي ادا ڪئي وئي، هن ٻڌايو ته سي ڊي اي ان هوٽل کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، پلاٽ هوٽل جي لاءِ خريد ڪيو پر فليٽ ٺاهي وڪرو ڪيا ويا، ان لاءِ ان کي سيل ڪيو ويو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 13:25

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون