صوبن کي بجلي جون 154 ارب روپين جون رهتون ادا ڪرڻيون آهن: عابد شيرعلي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته صوبن کي بجلي جون 154 ارب روپين جون رهتون ادا ڪرڻيون آهن، سنڌ 10 ارب روپيا ادا ڪرڻ کانپوءِ پوئتي هٽي ويو، آزاد ڪشمير جي ذمي 63 ارب روپيا، بلوچستان جي ٽيوب ويلن جي ذمي 120 ارب روپين جون رهتون آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ واسا جو ڪنيڪشن ڪٽڻ کان منع ڪيو آهي، ڪجهه علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن، پوليس ۽ صوبائي ادارا بجلي ڪمپني جي ملازمن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ تعاون ناهن ڪندا، اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان، نعمان وزير، عثمان ڪاڪڙ، مختيار عاجز ڌامراهه ۽ الياس احمد بلور جي سوالن جي جواب ۾ پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي ايوان کي ٻڌايو ته سرڪاري ادارن جو هڪ وڏو تعداد بجلي جي بل جي مد ۾ باقيدار آهي، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي صوبائي کاتن ۽ ادارن سان گڏجي انگ اکر گڏ ڪن، هن چيو ته صوبن کي 154 ارب روپين جي رهتون جون ادائيگيون ڪرڻيون آهن، سنڌ کي 73 ارب روپيا ادا ڪرڻا آهن ان ۾ واسا ۽ ٻين کاتن جون ادائيگيون به آهن، هن چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو ڪمپني کي واسا پاران ادائيگيون ڪرڻيون آهن ان جي بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽن کان پاڻي جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، آزاد ڪشمير جي حڪومت کي 63 ارب روپيا ڏيڻا آهن، سنڌ حڪومت 10 ارب روپين جي ادائيگي ڪري پوئتي هٽي وئي، هن چيو ته رهتن جي عدم ادائيگي تي سپريم ڪورٽ ۽ سي ڊي اي جي بجلي به ڪٽي آهي، ڪجهه باقيدارن کان وصولين جي لاءِ اسان نيب سان به رابطو ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم آهي ته واسا سميت عوامي خدمت جي کاتن جي بجلي ڪٽي نه وڃي، ادائيگين جي وصولي ۽ بجلي چوري ۾ روڪڻ ۾ ايتريون مشڪلاتون آهن، بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جا 120 ارب روپين جون ادائيگيون واجب الادا آهن.

آبادگار اتحاد کي به ادائيگيون ادا ڪرڻيون آهن، هن چيو ته آزاد ڪشمير جي حڪومت سان هڪ معاهدو ڪيو ويو آهي ته ان کي اڍائي روپيا في يونٽ جي حساب سان بجلي فراهم ڪئي ويندي ۽ باقي بار حڪومت برداشت ڪندي، هن چيو ته ڪجهه علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن، بجلي ڪمپنين کي پوليس ۽ لاڳاپيل کاتا تحفظ فراهم ناهن ڪندا، جنهن سبب وفاقي ادارن کان مدد وٺڻي پوندي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته صوبن سان معاملا حل ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن کي پريشان نه ڪرڻو پوي، سکر ۾ اسان کي رينجرز کان به مدد وٺڻي پئي، هن چيو ته سنڌ سان جڏهن وصولي جون ڳالهيون ڪيون ته سنڌ کي 4 ارب روپين جو فائدو پهچايو ويو، سنڌ حڪومت ادائيگيون ادا ڪري ان جا جائز خدشا ختم ڪيا ويندا، هن چيو ته موجوده حڪومت بجلي جي رائيلٽي جي مد ۾ 70 ارب روپيا ادا ڪيا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:10

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون