مريم اورنگزيب پاران سنڌ جي گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

ڪالهه اربع ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. اي پي پي/ع – ک 19:41

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو