وزيراعظم پاران تاريخي مندر ڪٽاس راج ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ جو افتتاح

ڪٽاس راج (پاکستان نیوز پوائنٹ 11جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اربع ڏينهن هتي چڪوال ۾ هندوئن جي تاريخي مندر ڪٽاس راج ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ جو افتتاح ڪيو.

اهو واٽر فلٽريشن پلانٽ مندر جي مقدس امرت جل تالاب وٽ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو ياترين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندو. وزيراعظم مندر جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ هنيو. هن ڪٽاس راج جا مختلف حصا ڏٺا جتي کيس ان جي تاريخي اهميت کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جو چيئرمين صديق الفاروق پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:40

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو