قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي سينيئر ميمبر سردار عاشق حسين گوپانگ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن شفقت محمود، ڊاڪٽر درشن، محمد پرويز ملڪ، رانا افضال حسين، ميان عبدالمنان، جنيد انوار چوڌري، شاهده اختر علي، راجا جاويد اخلاص، محمود خان اچڪزئي ۽ شيخ روحيل اصغر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيدرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي 14 – 2013ع جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي جي ميمبر جنيد انوار چوڌري چيو ته ايف بي آر ۾ باقاعدگي سان محڪماڻي آڊٽ ڪميٽي جو اجلاس نه ٿيڻ افسوسناڪ آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي، آڊٽ عملدارن چيو ته ايف بي آر ۾ باقاعدگي سان ڊي اي سي منعقد ٿئي ٿي، آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته آڊٽ جي نشاندهي تي 16 ارب رپين جون اوڳاڙيون ڪيون ويون، ان لينڊ روينيو ۾ بي ضابطگين جا 29 ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ايف بي آر جي فيلڊ آفيسن سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 42 ارب رپين جي اوڳاڙيون ناهن ڪيون، ايف بي آر ميمبر چيو ته هيستائين رڳو 5 ارب 19 ڪروڙ جون اوڳاڙيون ٿي سگهيون آهن.

هن چيو ته سيلز ٽيڪس جون اوڳاڙيون آسان ڪم نه آهي، آڊٽ عملدارن چيو ته جنوري 2016ع کان جون 2016ع تائين ڪراچي ۾ ايف بي آر کي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جون 2 لک درخواستون ڏنيون ويون جن مان رڳو 2 هزار درخواستن جي تصديق ٿي سگهي جن 2 هزار درخواستن جي تصديق ٿي انهن جون به پوسٽ ريفنڊ رپورٽون ناهن ڏيکاريون ويون. رشيد گوڊيل چيو ته ڪراچي ۾ جعلي انوائيسز تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ عروج تي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ بليڪ لسٽ ٽيڪس ڏيندڙن جا نالا ٻڌايا وڃن. آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ ايف بي آر جي 514 ود هولڊنگ ايجنٽن ٽيڪس ادا ناهي ڪيو جيڪو 24 ارب 15 ڪروڙ بڻجي ٿو، پي اي سي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد اوڳاڙين کي يقيني بڻايو وڃي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:18

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو