اياز صادق ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي پاران جيدا خالد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي جي ڀاڻيجيءَ جيدا خالد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ هنن مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:19

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو