قائداعظم اسان کي اهو ملڪ ڏنو جتي اسان پرامن ۽ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهيون: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22دسمبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قائداعظم اسان کي اهو ملڪ ڏنو جتي اسان پرامن ۽ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهيون، قائداعظم جي جذبي کي ٻيهر اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن آزاد رياست جي صورت ۾ قوم کي عظيم تحفو ڏنو، باني پاڪستان جي پيدائش واري ڏهاڙي جي موقعي تي هفتيوار تقريبن جو مقصد آزادي جي تحريڪ جي جذبي جي بحالي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون قائداعظم جي تصور موجب پاڪستان کي جديد جمهوري رياست بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ملڪ ۾ جمهوري دورن ۾ تيزي سان ترقي ٿي. ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري اسٽڊيز ۾ قائداعظم محمد علي جناح بحيثيت پارليامينٽرين جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي مملڪتي وزير 25 ڊسمبر تي پاڪستان جي هر گهر ۾ قائداعظم جي سالگرهه جي تقريب جو ڪيڪ ڪاٽڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي هفتيوار تقريبن جو مقصد نوجوان نسل کي ننڍي کنڊ جي عظيم اڳواڻ جي تعليم، جدوجهد ۽ مسلمانن جي لاءِ سندس مثالي عزم کان آگاهه ڪرڻ آهي. هن چيو ته قائد جي سالگرهه جي موقعي تي اسان کي پنهنجي عزم کي ورجائڻو پوندو ته اسان مان هر هڪ پاڪستاني ۽ هڪ آزاد ملڪ جو نمائندو آهي ۽ ان جي فڪر ۽ خيالن تي عمل ڪندو. مملڪتي وزير چيو ته شهري اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت جي ويب سائيٽ، فيس بڪ ۽ ٽوئٽر اڪائونٽ جي ذريعي لياقت جمنيزيم ۾ ٿيندڙ 25 ڊسمبر جي وڏي تقريب ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي ڪيڪ ڪاٽڻ واري تصوير به اپ لوڊ ڪري سگهن ٿا.

مريم اورنگزيب سيمينار جي شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي قائداعظم جي بصيرت ۽ فڪر کان آگاهي جي لاءِ اهم موقعن تي ان جي تقريرن جو لازمي مطالعو ڪن. هن نوجوان نسل کي چيو ته اهي جتي به ڪم ڪري رهيا هجن قائداعظم جي اصولن موجب اتان جي تقدس جو احترام ڪن. مريم اورنگزيب چيو ته حقيقت اها آهي ته ملڪ ۾ جمهوري دور ۾ تيزي سان ترقي ٿي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون قائداعظم جي تصور موجب پاڪستان کي هڪ جديد جمهوري رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. بعد ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته اڳيان وڌڻ جي لاءِ تاريخ کي سمجهڻ ضروري آهي ڇو ته تاريخ کي سمجهي ئي ڪجهه سکي سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر منصب جو احترام اسان سڀني جو فرض آهي ۽ منصب جو احترام ائين هجڻ گهرجي جيئن اسان پنهنجي بزرگن جو ڪريون ٿا. هن چيو ته جڏهن هو وزير بڻجي ته قائداعظم جي سالگرهه ويجهو هئي ۽ فيصلو ڪيو ته ٻيهر قائداعظم جي تعليمي ۽ ٻين ادارن جو جذبو وڌايون. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 55 يونيورسٽيون پهريون ڀيرو پارلياماني اسٽڊيز جو ڪورس پڙهائي رهيون آهن، ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر آسيه ناصر ۽ شهريار آفريدي پڻ خطاب ڪيو. اي پي پي/ع – ک 20:22

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون