سعودي عرب جي مختلف شهرن ۾ 364 پاڪستاني قيدي آهن: سرتاج عزيز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 21دسمبر2016ء) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته سعودي عرب جي مختلف شهرن ۾ 364 پاڪستاني قيدي آهن، عدالتي ڪارروائي ۽ جاچ دوران سعودي حڪومت ڏوهارين کي ترجمي جي سهولت فراهم ڪري ٿي، قيدين جي لاءِ قونصلر سطح جي پهچ جو انتظام پڻ موجود آهي.

ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته سعودي عرب ۾ قيدين جي مدد جي لاءِ پاڪستاني سفارتخانو مختلف قدم کڻي رهيو آهي، اهڙي طرح جڪارتا ۾ به پاڪستاني سفارتخاني پاران پاڪستاني قيدين جي مدد لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ قيدين کي انڊونيشيا جي حڪومت پاران وڪيل فراهم ڪيا وڃن ٿا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون