معراج محمد خان جمهوري جدوجهد جو بي باڪ ترجمان هو: پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد بزرگ سياستدان معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته معراج محمد خان جمهوري جدوجهد جو هڪ بهادر ۽ بي باڪ ترجمان هو، آمريتن جي ڪاري دور ۾ جمهوريت لاءِ سندس عظيم قربانيون آهن، اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو، هُو هڪ جرئت مند وڪيل هو ۽ جمهوريت جي نصب العين لاءِ سندس خدمتون ياد رکيون وينديون، هن چيو ته هو هڪ سچو محب وطن پاڪستاني هو.

هن مرحوم جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 21:54

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو