تحريڪ انصاف عدالت ۾ ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي: مسلم ليگي اڳواڻ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 6دسمبر 2016ء) وفاقي وزيرن ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته تحريڪ انصاف وزيراعظم محمد نواز شريف تي هنيل الزامن جي حوالي سان عدالت ۾ ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي، وزيراعظم ماضي وانگر الزامن مان باعزت بري ٿي ويندو. ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان بني گالا ۾ ويهي تمام گهڻيون ڳالهيو ڪري ٿو پر سندس وڪيل عدالت ۾ هنيل الزامن جي حوالي سان ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهن ڪري سگهيا.

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف تي ماضي ۾ به ڪوڙا الزام هنيا ويندا رهيا آهن پر اسان عدالت ۾ ثابت ڪنداسين ته محمد نواز شريف جي پوري فيملي نيڪ نام آهي، اهي هن ڪيس ۾ به باعزت بري ٿيندا. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان چيو ته مسلم ليگ (ن) نه ٿي چاهي ته هي اهم ڪيس وڌيڪ ڊيگهه اختيار ڪري ڇو ته اهو ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي. هن چيو ته عدالت ۾ جيڪي الزام کڻي ويا آهن اهي اڳ ۾ به ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ انهن کي آئنده به انهن کي شڪست ٿيندي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو