سيد خورشيد شاهه پاران معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويجهي ساٿي ۽ مشهور سياسي اڳواڻ معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

جمعي ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مرحوم جي ايصال ۽ ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مزدورن، هارين ۽ غريبن جي لاءِ معراج محمد خان جي جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:41

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو