اهي پراڻا دليل، اهي پراڻيون ڪهاڻيون، عمران خان نئون وڪيل ڪري وٺي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 6دسمبر 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اهي پراڻا دليل، اهي پراڻيون ڪهاڻيون، عمران خان نئون وڪيل ڪري وٺي، عمران خان قوم سان لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، سندس وڪيل اڄ به ڪو نئون دليل ۽ نه ئي ڪو ثبوت پيش ڪري سگهيو، عمران خان پنهنجي ثبوتن تي غور ڪري ۽ سپريم ڪورٽ مان پنهنجو ڪيس واپس وٺي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ سمورا ٺوس ثبوت ۽ دستاويزات مسلم ليگ (ن) ڏنا آهن جيڪي دستاويزن اسان ڏنا اهي سچائي تي ٻڌل آهي نه ڪي ڪوڙن الزامن تي، تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي ۾ عوام سان واعدا پورو نه ڪري سگهي، هاڻي وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ عوامي منصوبا مڪمل ڪندي، خيبرپختونخواهه جي عوام کي ڪوڙن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جا سمورا ڪيس ڪوڙ ۽ الزامن تي ٻڌل آهن، عمران خان قوم سان لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام کي ڪوڙن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ عوام سان واعدا پورو نه ڪري سگهي، ڪي پي ڪي ۾ عوام عمران خان جو انتظار ڪري رهيو آهي، اسان ڪي پي ڪي جي عوام کي ڪوڙن جي رحم ڪرم تي نه ٿا ڇڏي سگهون، وفاقي حڪومت ڪي پي ڪي ۾ پڻ عوامي منصوبا مڪمل ڪندي. عمران خان ڪي پي ڪي ۾ اقتدار ۾ آهي، اتان جي صورتحال سڀني آڏو آهي.

هن چيو ته عمران خان پنهنجي ثبوتن تي غور ڪري ۽ سپريم ڪورٽ مان پنهنجو ڪيس واپس وٺي ڇڏي. مملڪتي وزير چيو ته جج عمران خان کان هڪ ئي سوال ڪن ٿا ته هو پنهنجي هنيل الزامن تي ثبوت پيش ڪري، عمران خان جي پريس ڪانفرنسن ۾ ڪي دليل ناهن هوندا، رڳو ڪوڙ تي ٻڌل دليل هوندا آهن، هاڻي هڪ نئون وڪيل ايندو ۽ ڪوڙ ۽ الزامن جو سفر شروع ڪندو. پي ٽي آءِ چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ گهري هئي، هنن وٽ هنيل الزامن جا ثبوت نه آهن، مريم اورنگزيب عوام کي چيو ته هو سچ جو ساٿ ڏي. هن چيو ته عمران خان بني گالا ۾ وڃي هڪ نئين ڪوڙ جو درس ڏيندو ۽ ان کي ٻيهر سڀاڻي پنهنجي ڳالهين جا ثبوت ڏيڻا پوندا. مملڪتي وزير چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ مان پنهنجو ڪيس واپس وٺي ڇڏي، تحريڪ انصاف وٽ اهي ئي پراڻا دليل ۽ پراڻيون ڪهاڻيون آن، تحريڪ انصاف جا سمورا ڪيس ڪوڙ ۽ الزامن تي ٻڌل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اسان وٽ دستاويزي ثبوت موجود آهن ۽ سپريم ڪورٽ جنهن وقت به طلب ڪندي، پيش ڪيا ويندا. عمران خان کان جڏهن ثبوت گهريا وڃن ٿا ته هن وٽ ثبوت موجود ناهن هوندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪيس بابت هڪ به ثبوت عدالت ۾ پيش ناهي ڪري سگهي، عمران خان بني گالا جي پريس ڪانفرنس ۾ پاڻ ئي مدعي بڻجي وڃي ٿو ۽ پاڻ ئي جج بڻجي فيصلو ڏئي ٿو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو