ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن سان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد(پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن سان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام ايندو ۽ ماڻهن کي سيڙپڪاري جا موقعا ملندا، هن اها ڳالهه خميس ڏينهن حفيظ خان جي قيادت ۾ پاڪ آمريڪا بزنس فورم جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. صدر ممنون حسين چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي ۽ امن جي مڪمل بحالي تائين جاري رهندو. صدر چيو ته امن امان جي بهتري سبب غير ملڪي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان عالمي سيڙپڪاري فائدو وٺي سگهن ٿا، صدر چيو ته ملڪ هن وقت ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي ۽ ان جي معيشت مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته عالمي معاشي ادارن پاڪستاني اقتصادي پاليسين ۽ ترقي جي راهه جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ پاڪستان کي اڀرندڙ مارڪيٽن جي ذمري ۾ شامل ڪيو آهي، صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان سيڙپڪاري ۽ ترقي جي لاءِ نيون راهون کلنديون ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن چيو ته وچ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ان منصوبي جي اهميت کي ڄاڻيندي ان منصوبي سان ڳنڍڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، صدر چيو ته پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ ڪرپشن جو خاتمو لازمي آهي،ترقياتي منصوبن جي فنڊن ۾ گهپلن سان منصوبا بري طرح متاثر ٿيندا آهن هن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائڻ ۽ ترقي جي لاءِ سرڪاري فنڊن جي صحيح اهميت کي اجاگر ڪيو، وفد صدر کي ٻڌايو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ بهتر امن امان ۽ اقتصادي صورتحال تي خوش آهن ۽ پاڪ چائنا اقتصادي لنگهه مان فائدو وٺڻ لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن.

ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر جاويد عباسي به موجود هو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون