سينيٽ چيئرمين پاران حاجي عديل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18نومبر2016ء) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني، عوامي نيشنل پارٽي جي سينئر نائب صدر ۽ سينيٽ ۾ اي اين پي جي اڳوڻي پارلياماني اڳواڻ حاجي محمد عديل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ ميان رضا رباني چيو ته حاجي محمد عديل جي جمهوريت لاءِ خدمتون ناقابل فراموش آهن، مرحوم حاجي عديل مڃيل سياستدان هو، جنهن سڄي زندگي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ جدوجهد ڪئي، مرحوم آئين جي بالادستي لاءِ به آواز بلند ڪيو. هن چيو ته سندس لاڏاڻي تي پاڪستان هڪ بهترين سياستدان کان محروم ٿي ويو آهي، ميان رضا رباني مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪندي مرحوم جي بلند درجن ۽ پوئينرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽ ۾ قائدايوان راجا محمد ظفر الحق، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن به حاجي محمد عديل جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي پوئينرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ خدمتن ۾ مرحوم حاجي محمد عديل جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. الله تعاليٰ مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو