گڏيل قومون ڀارت طرفان سيز فائر جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺن: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 15نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گڏيل قومون ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي خلاف ورزين ۽ ڇڪتاڻ ۾ بنا سبب جي اضافي جو نوٽيس وٺن، پاڪستان طرفان ضبط ۽ تحمل جي مظاهري کي ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي، ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجي سرزمين جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ لائين آف ڪنٽرول تي بگڙجندڙ صورتحال جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز وزيراعظم کي لائين آف ڪنٽرول تي صورتحال ۽ تازي هروڀرو جي ڀارتي فائرنگ، جنهن ۾ ڀمبر جي علائقي ۾ 7 پاڪستاني سپاهي شهيد ٿيا، کانپوءِ حڪومت جي رد عمل جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي صلاحڪار وزيراعظم کي ڀارت طرفان شهري آبادي جي علائقن کي هدف بڻائي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪرڻ ۽ گولا باري جي وڌندڙ واقعن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته ڀارتي فوج طرفان فائرنگ جي تازن واقعن جي نتيجي ۾ 26 شهري شهيد ۽ 107 زخمي ٿيا آهن جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن جيڪي 2003ع جي سيز فائر مفاهمت ۽ بين الاقوامي قانون جي سراسري خلاف ورزي آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ڀارتي تشدد جي باوجود انتهائي ضبط جو مظاهرو ڪري رهيو آهي جنهن کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان کي اهڙن حرڪتن سان ڊيڄاري نٿو ڪري سگهجي ۽ اسان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجي سرزمين جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا.

وزيراعظم چيو ته هي ڀارتي عملدارن طرفان والاريل ڪشمير جي معصوم ۽ بي گناهه ماڻهن جي خلاف بدترين نوعيت جي ظلمن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش به آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته گڏيل قومون لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي خلاف ورزين ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ هروڀرو جي اضافي جو نوٽيس وٺن، هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج فائرنگ ڪرڻ ۾ اڳرائي نٿي ڪري پر هو ڪنهن به جارحيت جو هميشه ڀرپور انداز ۾ جواب ڏيندي. وزيراعظم کي آمريڪا ۾ تازي صدارتي چونڊن جي ڏس ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري 7 ڏهاڪن جي ڊگهي عرصي تي ٻڌل آهي، هن چيو ته پاڪستان خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ لاءِ نئين چونڊيل حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻيا سينئر عملدار به اجلاس ۾ موجود هئا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو