قومي مسيحا علامه محمد اقبال جو پيغام عالمگير آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قومي مسيحا علامه محمد اقبال جو پيغام عالمگير آهي ۽ ان جي شاعري معاشري جي سڀني طبقن جي عڪاسي ڪري ٿي، اقبال جي تعليم ۾ امت کي درپيش مسئلن جو حل موجود آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال جي 139 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو جيڪو هر سال 9 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته علامه اقبال جي فلسفي ۽ شاعري الڳ وطن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي راهه کي هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ آزادي جي جدوجهد کي هڪ ڀرپور تحريڪ ۾ بدلائي ڇڏيو.

جنهن جي نتيجي ۾ 23 مارچ 1940ع تي قرارداد پاڪستان منظور ٿي، جنهن کي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ رهندڙ ملسمانن جي ڀرپور تائيد حاصل هئي، اسپيڪر چيو ته علامه اقبال جو خواب ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ نعمت کان گهٽ نه هو، هن جي شاعري مسلمانن جي اندر هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪرڻ، جتي هو پنهنجي مذهب، ثقافت ۽ روايتن موجب زندگي گذاري سگهن جي لاءِ نئون جذبو ۽ ولولو پيدا ڪيو، هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ۾ مسلمان دنيا جي تنزلي جي سببن ۽ وڃايل عظمت کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي پيش ڪئي آهي، هن چيو ته سڄي مسلم دنيا عام طور ۽ پاڪستان کي خاص طور تي بيشمار چئلينج درپيش آهن جن تي علامه اقبال جي تعليم تي عمل پيرا ٿي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسپيڪر چيو ته علامه اقبال سڄي مسلم دنيا جي اتحاد جي عظيم داعي هو ۽ هن مسلمانن کي پنهنجي وسيلن ۽ ارادي جي قوت تي ڀروسو ڪرڻ جو سبق ڏنو، اسپيڪر چيو ته علامه اقبال جو تصور عالمگير آهي ۽ قوميت ۽ علائقائي فرق کان مٿانهون آهي، هن چيو ته علامه اقبال جي ويجهو انتهاپسندي ۽ تعصب جي ڪا به گنجائش نه آهي ۽ هن اعتدال پسند پرامن ۽ روشن خيال مسلمانن جو تصور پيش ڪيو، جنهن سان ٻين مذهبن کي مڃيندڙ به متاثر ٿيا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو