سينيٽ ۾ سيد قمرالزمان شاهه، راجا نرگس زمان ڪياني ۽ ٻين جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) سينيٽ ۾ اڳوڻن سينيٽرن سيد قمرالزمان شاهه، راجا نرگس زمان ڪياني، سينيٽر روبينه عرفان جي ڌيءَ، ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن، گڏاڻي ۾ سامونڊي جهاز ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي شهيدن، ڪراچي ۾ ٽرين حادثي ۽ موٽروي تي حادثي ۾ مارجي ويندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.

ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري فاتحه خواني ڪرائي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو