اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير پاران حامد مير کي ايوارڊ ملڻ تي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير کي جرئتمنداڻي صحافت جو ايوارڊ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.

ڪالهه خميس ڏينهن هتي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حامد مير جو ڳاڻيٽو ملڪ جي معتبر صحافين ۾ ٿئي ٿو جن صحافت جي پيشي ۾ اڻٿڪ ڪردار ادا ڪيو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ان ايوارڊ جي لاءِ حامد مير جي نامزدگي ان حقيقت جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا کي تمام گهڻي آزادي حاصل آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو