وزيراعظم عمران خان سان چوڌري شجاعت حسين جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان سان سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ڪالهه جمعي ڏينهن ملاقات ڪئي.

وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري مونس الاهي پڻ موجود هئا، سياسي معاملن وارو خصوصي معاون نعيم الحق پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته مخالف ڌر جي منفي رويي جو مقابلو ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو