سينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) سينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس سينيٽ جي وقتي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، ڪميٽي اجلاس ۾ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر راجا

محمد ظفر الحق، سينيٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير، سينيٽ سيڪريٽري امجد پرويز شرڪت ڪئي، هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ جي اجلاس جي ايجنڊا ۽ ٿيندڙ اهم قانونسازي جا معاملا بحث هيٺ آندا ويا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو