قومي اسيمبلي مان مخالف ڌر جي سڀني پارٽين جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ تي احتجاجن مخالف ڌر جي سڀني پارٽين ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل به مطالبو ڪيو ته خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن، هن ان ڏس ۾ ايوان مان احتجاجن واڪ آئوٽ به ڪيو، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته اسان ٽن ڏينهن کان خواجه سعد رفيق جي پروڊڪشن آرڊر جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، اسپيڪر چيو ته ان حوالي سان اسان قانوني مشاورت حاصل ڪئي آهي، راجا پرويز اشرف به مطالبو ڪيو ته خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن ان سان گڏ ئي مخالف ڌر جا سڀئي ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

مولانا جمال الدين به خواجه سعد رفيق جي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو