وزيراعظم پاران گئس بابت منصوبابندي کي وڌيڪ جامع بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ گئس جي گهرج ۽ پهچ ۽ صارفين کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان منصوبابندي کي وڌيڪ جامع بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جي طرفان گئس جي گهرج جي حوالي سان ڪاٿو لڳائڻ ۾ نااهلي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڪمپريسرز جي حوالي سان معلومات لڪائي رکڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻنهي ادارن جي مينيجنگ ڊائريڪٽرز جي خلاف فوري انڪوائري جو حڪم ڏيندي پيٽروليم واري وزير کي اها ڪارروائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اهي حڪم اربع ڏينهن ملڪ ۾ گئس جي فراهمي جي سلسلي ۾ پيدا ٿيندڙ بحران جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنا. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، پيٽروليم واري وزير غلام سرور خان، توانائي واري وزير عمر ايوب، وزيراعظم جي خاص مددگار افتخار دراني، انرجي ٽاسڪ فورس جي چيئرمين نديم بابر، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزير غلام سرور خان وزيراعظم کي گئس جي صورتحال ۽ پيدا ٿيندڙ تازي بحران تي تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گئس جي تازي بحران جي ذميداري بنيادي طور تي ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي تي لاڳو ٿئي ٿي جنهن نه رڳو حڪومت کان رڳو گئس ڪمپريسر پلانٽس جي خرابي بابت معلومات ڳجهي رهي پر ڊسمبر جي مهيني ۾ گئس جي گهرج جي حوالي سان ڪاٿو لڳائڻ ۾ به غفلت ۽ نااهلي جو مظاهرو ڪيو، ملڪ ۾ گئس جي مقامي پيداوار جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ڏکڻ ۾ واقع گئس فيلڊز جي ڪل پيداوار 1200 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا گذريل سال جي مقابلي ۾ 80 ايم ايم سي ايف ڊي گهٽ آهي، انهي طرح اتر ۾ ڪنڙپساڪي ۽ گمبٽ فيلڊ ۾ به گئس پيداوار ۾ 50 ايم ايم سي ايف ڊي جي کوٽ واقعي ٿي آهي، ڏکڻ ۾ گئس پيداوار جي کوٽ سبب ڪراچي جي صارفين کي گئس جي فراهمي ۾ ڏکيائي پيش آئي جڏهن ته نوابشاهه ۽ سارن جي هنڌ تي گئس ڪمپريسرز جي خرابي سبب ملڪ جي اتر ۾ گئس جي کوٽ جي شڪايت سامهون آئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نه ته ايس اين جي پي ايل جي طرفان ڊسمبر ۾ گئس جي گهرج بابت حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ نه ئي ايس ايس جي سي جي طرفان گئس ڪمپريسرز جي خرابي جي حوالي سان بروقت حڪومت کي اطلاع ڏنو ويو.

وزيراعظم ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي طرفان نااهلي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ڪمپريسرز جي حوالي سان معلومات ڳجهي رکڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻنهي ادارن جي مينيجنگ ڊائريڪٽرز جي خلاف فوري انڪوائري جو حڪم ڏيندي پيٽروليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته هي ڪارروائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، گئس جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جي حوالي سان وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شيڊول ڪيل آر ايل اين جي جا 8 ڪارگو وقت سر پاڪستان پهچي ويندا، ان کانسواءِ ڊوميسٽنگ گئس جي پيداوار جي بحالي لاءِ به ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪي پيداوار جي کوٽ ۽ گئس ڪمپريسرز جي خرابي جي باوجود به ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته گهريلو صارفين متاثر نه ٿين تنهن هوندي به سي اين جي ۽ ڪجهه جنرل صنعتن جي ڪيپٽيو پلانٽس کي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، وزيراعظم تاڪيد ڪئي ته گئس جي گهرج ۽ پهچ ۽ صارفين کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان منصوبابندي کي وڌيڪ جامع ڪيو وڃي ته جيئن ان حوالي سان مستقبل ۾ ڪنهن اهڙي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو نه پوي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو