اسان احتساب کان نٿا گهٻرايون: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان احتساب کان نٿا گهٻرايون پر احتساب جي عمل ۾ انصاف ٿيندي نظر نٿو اچي، خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن، جڏهن احتساب انتقام ۾ بدلجي ويندو ته اهو جمهوريت جي لاءِ خطرناڪ هوندو آهي، اسان تحفظ نٿا چاهيون پر انصاف جا طلبگار آهيون، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته هن ايوان جي ميمبر خواجه سعد رفيق کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو، باقاعده 103 تحت اسپيڪر جي ذميداري هئي ته هو ايوان کي ان جي گرفتاري جو حڪم پڙهي ٻڌائي ها، هن چيو ته اسان احتساب جي حق ۾ آهيون، اسان جي حڪومت جو احتساب ٿيڻ گهرجي، جڏهن احتساب انتقام ۾ بدلجي ويندو آهي ته اهو جمهوريت لاءِ خطرناڪ هوندو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ جي گرفتاري جي ڊگهي عرصي کانپوءِ به ڪا ڳالهه سامهون نه اچي سگهي، جيڪڏهن اسان پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آزادي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان طرح جي معاملن تي پارليامينٽ جي حوالي سان شڪ ۽ شهبا

پيدا ٿي رهيا آهن، اپوزيشن کي دٻائڻ لاءِ احتساب جا ادارا استعمال ٿي رهيا آهن، اسان احتساب کان نٿا ڊڄون، پر انصاف ٿيندي نظر نٿو اچي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي طرفان واضح پابندي جي باوجود نيب جي چيئرمين ۽ ٻين عملدارن اپوزيشن جي اڳواڻن جا نالا وٺي ميڊيا سان ڳالهائيندا آهن، شفاف ٽرائيل جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 10 به پڙهي وٺو، جيڪڏهن مخالف ڌر جو احتساب ٿي رهيو آهي ته حڪومتي ڏاهن ۽ انهن جي عزيزن سان به رعايت نه هجڻ گهرجي، هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر، ڪي پي ميٽرو ڪيس ۽ ٻين ماڻهن تي نيب طرفان ٺاهيل ڪيسن تي به گرفتاريون عمل ۾ آنديون وڃن، جهانگير ترين ۽ بابر اعواڻ به سپريم ڪورٽ جي ڊاريڪشن جي باوجود آزاد گهمي رهيا آهن، آئون احتساب جي حق ۾ آهيان جيڪڏهن اسان ڪرپشن ڪئي آهي ته اسان کي ضرور پڪڙيو وڃي، پر صرف اسان جو ميڊيا ٽرائيل ٿيو آهي ۽ اهو پارليامينٽ جي حق ۾ بهتر نه هوندو، اسان پروٽيڪشن نه انصاف جا طلبگار آهيون، هن اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو