ڀارت گذريل ڏينهن لائين آف ڪنٽرول تي هوائي حملو ناهي ڪيو: عبدالقادر بلوچ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30ستمبر 2016ء) رياستن ۽ سرحدن جي وفاقي وزير جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته ڀارت گذريل ڏينهن لائين آف ڪنٽرول تي هوائي حملو ناهي ڪيو نه ئي ان جي جرئت ڪري سگهي ٿو، لائين آف ڪنٽرول جي هڪ انچ جي به خلاف ورزي ناهي ٿي، صرف فائرنگ ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا ٻه نوجوان شهيد ٿيا، اسان کي پاڪ فوج جي هر جوان ۽ آفيسر تي فخر آهي، ڀارت اسان کي ڀڙڪائي رهيو آهي، هوائي حملي جي دعويٰ هن ان لاءِ ڪئي آهي ته ڇو ته هو پنهنجي عوام کي مطئمن ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان جي خلاف اهڙو قدم کڻڻ ڪا آسان ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن ڪو اهڙو موقعو آيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو هن ملڪ جو دفاع ڪندو ۽ پاڪ فوج ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو ته ميمبرن جي تقرير مان هي تاثر ملي رهيو آهي ته حڪومت ملڪ جي موجوده صورتحال کان بي خبر آهي جيڪو درست نه آهي، پارليامينٽ جي

گڏيل اجلاس گهرايو ويو آهي، وڏن وزيرن ۽ قومي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هوائي حملي جو مطلب هي هوندو آهي ته جڏهن دشمن جي فوج بارڊر ڪراس ڪري اچي ڪارروائي ڪندي آهي، ڀارت هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هن ستن هنڌن تي هوائي حملو ڪيو آهي، هي درست نه آهي، هن پنهنجي سرحدن جي اندر فائرنگ ڪئي آهي، هن ايوان کي خاطري ڏياريان ٿو ته اسان جي فوج کي جيڪو تجربو حاصل آهي ڀارتي فوج ان جو تصور به نٿي ڪري سگهي، ڀارت صرف پنهنجي عوام کي هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هن هوائي حملو ڪيو آهي، ان جي هي دعويٰ بلڪل غلط ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، لائين آف ڪنٽرول جي هڪ انچ جي به خلاف ورزي ناهي ٿي، ڀارت اسان کي ڀڙڪائي رهيو آهي، اسان جي ٻن جوانن جي شهادت ٿي آهي، اسان کي پاڪ فوج جي هر جوان ۽ آفيسر تي فخر آهي، هي ڪا آسان ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته پاڪستان جو ٻار ٻچو هن ملڪ جو دفاع ڪندو ۽ پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو