سينيٽ چيئرمين پاران ملڪ ۾ زرعي شعبي کي درپيش ڪيترن مسئلن کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ سميت ڪيتريون ئي رٿون بحث جي لاءِ منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26ستمبر 2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ملڪ ۾ زرعي شعبي کي درپيش ڪيترن مسئلن کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ سميت ڪيتريون ئي رٿون بحث جي لاءِ منظور ڪري ورتيون آهن. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر تاج حيدر ملڪ ۾ زرعي شعبي کي درپيش ڪيترائي مسئلا بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي جيڪا چيئرمين بحث جي لاءِ منظور ڪندي چيو ته ايندڙ روٽر ڊي تي ان تي بحث ڪيو ويندو.

سينيٽر ميان عتيق شيخ پاران ملڪ ۾ ٽيڪس فائيلز جي حقن جي تحفظ جي ضرورت کي بحث هيٺ اڻڻ جي رٿ پڻ چيئرمين بحث جي لاءِ منظور ڪري ورتي، سينيٽر جاويد عباسي ۽ راحيلا مگسي جي ٻن جدا جدا معاملن تي رٿون ملتوي ڪيون ويون آهن.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون