سينيٽ ۾ ٽريفڪنگ ان پرسنز بل 2016ع پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26ستمبر 2016ء) سينيٽ ۾ ٽريفڪنگ ان پرسنز بل 2016ع پيش ڪيو ويو. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشاهد حسين سيد بل پيش ڪرڻ جي لاءِ التوا واري رٿ پيش ڪئي، مملڪتي وزير ان جي مخالفت نه ڪئي.

رٿ منظور ٿيڻ تي بل متعارف ڪرايو ويو جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. مشاهد حسين سيد حڪومت طرفان بل جي مخالفت نه ڪرڻ تي ان جو ٿورو ادا ڪيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو