هر قسم جي دٻاءُ کي هڪ پاسي رکندي بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته هر قسم جي دٻاءُ کي هڪ پاسي رکندي بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته ڪرپشن هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن تي سمورن ملڪن کي گڏجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي تنظيم”سارڪ“ جي نمائندن سان ڳالهين دوران چئي جنهن ۾ ڀوٽان، ڀارت، مالديپ، نيپال ۽ سريلنڪا کانسواءِ ٻين ميمبر ملڪن جا نمائندا به شريڪ هئا. هي وفد قومي احتساب بيورو (نيب) جي اهتمام هيٺ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ منعقد ڪيل سيمينار ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهن، ملاقات ۾ قومي احتساب بيورو جي چيئرمين قمر زمان چوڌري ۽ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ڏکڻ ايشيائي خطو اقتصادي صلاحيت ۽ وسيلن جي لحاظ کان هڪ اهم خطو آهي، هن چيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ بدعنواني سبب وسيلن جو زيان افسوسناڪ آهي. صدر چيو ته غربت جي خاتمي ۽ سارڪ ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ بدعنواني جو خاتمو انتهائي ضروري آهي. صدر چيو ته بدعنوان عنصرن کي پڪڙيو وڃي پر انهن جي خلاف ڪيل قدمن جي دوران اختيارن جو استعمال احتياط سان ڪيو وڃي ته جيئن بي قصور ماڻهو نشانو بڻجڻ کان محفوظ رهن.

هن چيو ته سارڪ ملڪن کي بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي تجربن ۾ هڪٻئي کي شريڪ ڪرڻ گهرجي ته جيئن بدعنوان عنصرن کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۾ تيزي اچي سگهي. صدر چيو ته عالمي برادري پنهنجي وسيلن کي بچائڻ جي لاءِ بدعنواني جي خاتمي تي هڪجهڙي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي، هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڇو ته پاڪستاني حڪومت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنجيده آهي. حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين سبب عالمي ادارن پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته حڪومتي ادارن ۾ ڪرپشن جي خاتمي ۽ شفافت آڻڻ جي لاءِ حڪومت اهم قدم کنيا آهن. صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ايشيائي ملڪن سان معاشي ۽ معاشرتي مضبوطي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته سارڪ ملڪن ۾ بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ ميمبر ملڪن جو سيمينار وقت جي اهم ضرورت آهي، وفد صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته هو پاڪستان سان لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجي ڪوششون جاري رکندا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو