هر اداري کي پنهنجي دائري ڪار ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 16 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته هر اداري کي پنهنجي دائري ڪار ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي، وفاداريون تبديل ڪندڙ پارٽين سان وفادار ناهن ته ملڪ ۽ قوم جا وفادار ڪيئن رهندا. پارليامينٽ ۾ جيڪڏهن اسان ڇڪتاڻ ڪنداسين ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا، ٻه ٽي شفاف اليڪشنون ٿي ويون ته وڌيڪ بهتري ايندي، پارٽين جي اندر جمهوري طرز فڪر ان وقت مضبوط ٿيندو جڏهن ماڻهو شخصيت بدران منشور کي نظر ۾ رکندي پارٽين کي ووٽ ڏيندا، اربع ڏينهن پارليامينٽري رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته 1977ع کانپوءِ موجوده دور ۾ سڀ کان اهم قانونسازي ٿي آهي، 2013ع کان 2018ع تائين ملڪ جي 14 هين قومي اسيمبلي 136 بل منظور ڪيا ۽ 49 نوان قانون بڻايا، انهن ۾ سڀ کان اهم قانونسازي قرآن پاڪ جي لازمي تعليم جو بل آهي، ان کانسواءِ اليڪشن ايڪٽ، ڄاڻ تائين پهچ سميت ٻي اهم قانونسازي ڪئي وئي، هن چيو ته چار آئيني ترميمون منظور ڪيون ويون جنهن ۾ ٻن جو تعلق دهشتگردي جي خاتمي ۽ ٻن جو تعلق چونڊ قانونن سان آهي، 16 پرائيويٽ ميمبر بل منظور ٿيا، هن چيو ته ڌرڻن جي زماني ۾ پي ٽي آءِ جي استعيفائن جي وقت هن آئين، قانون ۽ عدليه جي فيصلن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو، 14 هين قومي اسيمبلي کي 6 بجيٽ منظور ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي پوري سال جو بجيٽ ان لاءِ پيش ڪئي آهي ڇو ته ان ۾ دفاعي خرچن ۽ پگهارن مان ٽيڪس جي ڪٽوتين سميت ٻيا اهم معاملا هئا، مون کي حڪومت طرفان ان حوالي سان مطمئن ڪيو ويو آهي، هن چيو ته قومي سلامتي جي معاملن جي نگراني لاءِ اپوزيشن جي مطالبي تي ان جي سربراهي ۾ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي، 34 ڪميٽين مان 10 ڪميٽين جي چيئرمينن جو تعلق اپوزيشن جڏهن ته باقي ڪميٽين جا چيئرمين حڪومت جا آهن، پي اي سي جي چيئرمين جو عهدو مخالف ڌر اڳواڻ کي ڏنو ويو، هن چيو ته ان کان پهرين پارليامينٽري اسٽيڊيز جو ڪو به تصور نه هو اسان مختلف يونيورسٽين سان ڳالهيون ڪري 17 يونيورسٽين ۾ پارليامينٽري اسٽيڊيز جو مضمون شامل ڪرايو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان هيستائين 500 کان وڌيڪ ٻار انٽرنشپ ڪري ويا آهن، پيپس کي ٽرانسفارم ڪري بهتر ادارو بڻايو، اسيمبلي ملازمن جي پيپس کان ٽريننگ لازمي قرار ڏني آهي ان کانسواءِ ڪنهن ملازم جي پروموشن يا مقرري نه ٿيندي، هن چيو ته 53 دولت مشترڪه ملڪن سان ان هائوس ٽريننگ جو معاهدو ٿيو آهي، پهريون ڀيرو پارليامينٽ ۾ ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ قائم ٿيو آهي جنهن جي گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه واکاڻ ڪئي آهي، هن چيو ته شمسي توانائي تي منتقلي سبب پاڪستاني پارليامينٽ کي دنيا جي پهرين گرين پارليامينٽ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ست ڪروڙ سالياني بجلي جو بل صفر تي اچي ويو آهي هاڻي اسان کي آئيسڪو کان پئسا وٺڻا هوندا آهن، هن چيو ته پهريون ڀيرو اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ملازمن ۽ پروموشنز کي سئو سيڪڙو ميرٽ تي ڪيو ويو، 50 سيڪڙو مقرريون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ۽ 50 سيڪڙو قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ملازمن کي سول سروس جو درجو ڏيڻ جو بل منظور ڪيو ويو آهي، اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ يورپي يونين جي تعاون سان اسان پنهنجي اسٽاف جي غير ملڪي ٽريننگ تي پابندي لڳائي، هن چيو ته مختلف ملڪن سان 88 فرينڊشپ پارلياماني گروپ قائم ڪيا ويا آهن ان سان دوست ملڪن جو اسان جي باري ۾ تصور بهتر ٿيو آهي، روس، افغانستان، ترڪي سميت دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي اسپيڪرن ڪشمير جي گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق فيصلو ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي موقف کي تسليم ڪيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي سميت ٻين فورمز تي ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي لاءِ ٽي قراردادون، اتفاق راءِ سان منظور ڪرايون، ڪشمير ۾ پيلٽ گنن جي استعمال تي اسان دنيا جي 196 ملڪن جي اسپيڪرز کي خط لکيا، سارڪ ينگ پارليامينٽرين ڪانفرنس، ماءُ ۽ ٻار جي غذائي تحفظ ۽ جمهوريت جي استحڪام جي حوالي سان ڪانفرنسون منعقد ڪرايون ويون، اسپيڪر چيو ته پارلياماني نظام جون پاڙون جيستائين مضبوط نه ٿينديون تيستائين اسان ان کي بهتر انداز ۾ نه هلائي سگهنداسين، قيام پاڪستان کان هيستائين جمهوريت جو تسلسل برقرار نه رهي سگهيو، جيڪڏهن اسان ان حوالي سان ڇڪتاڻ ڪنداسين ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا، هر اداري کي پنهنجي دائري ڪار ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ پارليامينٽ کي هلڻ ڏنو وڃي، ٻه ٽي شفاف اليڪشنون ٿينديون ته وڌيڪ بهتري ايندي.

، جيڪي ميمبر پارٽين سان وفادار ناهن ته ملڪ ۽ قوم جا وفادار ڪيئن رهندا۔

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو