خابرو ادارن جي عالمي ڪانفرنس پاران انٽرنيشنل فورم آف نيوز ايجنسيز (افنا) قائم ڪرڻ جو فيصلو، پاڪستان فورم جو پهريون سربراهه مقرر، اي پي پي هيڊڪوارٽرز سيڪريٽريٽ طور فرض سرانجام ڏيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 14 مئی 2018ء)  خابرو ادارن جي عالمي ڪانفرنس انٽرنيشنل فورم آف نيوز ايجنسيز (افنا) قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان کي ان فورم جو پهريون سربراهه چونڊيو ويو آهي، قومي خابرو اداري اي پي پي ان جي سيڪريٽريٽ طور فرض سرانجام ڏيندو جڏهن ته ميمبر ملڪن جي خابرو ادارن جي وچ ۾ خبرن، تصويرن ۽ وڊيوز جي مٽاسٽا لاءِ ويب پورٽل جوڙيو ويندو، ان فورم جي فعاليت لاءِ پاڪستان سميت 5 رڪني ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. اي پي پي جي اهتمام هيٺ 13 ۽ 14 مئي تي ٿيندڙ خابرو ادارن جي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي پڄاڻي تي پهتي. ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر، نار، يورپ، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ ميزبان پاڪستان سميت مختلف خطن جي نمائندگي ڪندي سڄي دنيا مان 18 ملڪن جي 21 پرڏيهي نمائندن شرڪت ڪئي. پڄاڻي واري تقريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خرم دستگير خصوصي مهمان هو. ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن گڏيل طور تي متفقه 16 نقاطي سفارشن ۾ قرار ڏنو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ قومي خابرو ادارن جو پليٽ فارم انٽرنيشنل فورم آف نيوز ايجنسيز (افنا) قائم ڪيو پيو وڃي، ان منفرد پورٽل تي باني ميمبرن جي مشاورت سان خواهشمند قومي خابرو ادارن ۽ عالمي طور تي فعال ٻين ميڊيا جي ادارن جي شموليت جي سهولت حاصل هوندي. ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي ڪانفرنس هلندڙ سال جي لاءِ افنا جو سربراهه چونڊيو ۽ هن سيڪريٽريٽ ۽ انساني وسيلن جي فراهمي جي لاءِ رضاڪاراڻي طور پنهنجون خدمتون پيش ڪيون آهن. ميمبر ملڪن متفقه طور تي فيصلو ڪيو آهي ته افنا سيڪريٽريٽ جي ميزباني هر سال ٻئي ملڪ منتقل ٿي ويندي، ميزبان ملڪ هن سال جي لاءِ سيڪريٽريٽ جا خرچ برداشت ڪندو. افنا خبري مواد، تصويرن ۽ وڊيوز جي ميمبر نيوز ايجنسين جي وچ ۾ مٽاسٽا لاءِ ويب پورٽل قائم ڪندو، جنهن جي لاءِ انگريزي رابطي جي زبان هوندي. ڪانفرنس ۾پليٽ فارم جي فعاليت لاءِ 5 رڪني رابطا ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اها رابطا ڪميٽي (اسٽيئرنگ ڪميٽي سان مشاورت سان) پورٽل تي اڳڀرائي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ذميوار هوندي جنهن جي ميمبرن ۾ ايران، يونان، پاڪستان، سوڊان ۽ تيونس شامل آهن.

خابرو ادارن جي وچ ۾ عالمي ڪانفرنس ڪميٽي پاران گڏيل فيصلي موجب واري واري سان سالياني بنياد تي منعقد ٿيندي. نمائندن لاڳاپيل خابرو اداري ۽ يا ميڊيا اداري جي فريم ورڪ/ ضابطن جي اندر نئين پورٽل جي فعاليت ۾ لچڪ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ڪميٽي ڪنهن به ميمبر ملڪ جون خدمتون حاصل يا نئين ميمبر کي شامل ۽ ميمبرن جون تجويزون ۽ سفارشون گهرائي سگهي ٿي، ان نئين فورم پورٽل تي خبرن ۽ فيچرز جي متن ۽ بصري مواد جي مٽاسٽا جو عزم ڪيو آهي. اهو پورٽل ميمبر خابرو ادارن/ نيوز آرگنائيزيشنز جي داخلي خبرن جي پڻ مٽاسٽا ڪندو ڀلي اها نيوز بليٽن جي اشاعت ذريعي هجي يا پورٽل جي هوم پيج جي اندر آئيڪن وسيلي ٿئي. ميمبر ادارن جي صحافين ۽ غيرصحافتي عملي جي لاءِ باقاعده تربيتي پروگرام ذريعي صلاحيت وڌائي ويندي. صحافين جي ٻرطرفي ۽ ڊگهي مدي جي بنياد تي دورن جي مٽاسٽا تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. ميمبر ادارن جي مارڪيٽنگ/ معاشي رخن جي بهتري تي پڻ غور ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ پيشيواراڻي ادارن سان مشاورت ڪئي ويندي. بلغاريه جي سفارش جي ڏس ۾ مختلف رخن تي وڊيوز ۽ مختلف قسم جي سرويز جي مٽاسٽا کي پڻ پورٽل جو حصو بڻائڻ جي پذيرائي ڪئي ويندي. هر ميمبر اداري کان بهترين تصوير، بهترين ٽيڪسٽ اسٽوري ۽ بهترين وڊيو جي ٽه ماهي بنياد تي چونڊ ڪئي ويندي جڏهن ته افنا ايوارڊ ڏيڻ جي لاءِ سمورن ميمبر ادارن مان سالياني بنياد تي چونڊ ڪئي ويندي. ڪانفرنس ۾ انهن فلسطيني ۽ ٻين صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو جن فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ڪانفرنس ۾ آذربائيجان، بحرين، بلغاريه، چين، مصر، يونان، انڊونيشيا، ايران، قزاخستان، لبنان، اومان، پاڪستان، قطر، رومانيه، سعودي عرب، سوڊان، شام، ترڪيءَ ۽ تيونس جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي دفاع واري وفاقي وزير خرم دستگير ۽ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ پرڏيهي نمائندن ۾ اي پي پي جون يادگاري شيلڊز ورهايون. اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ پنهنجي پڄاڻي واري تقريب ۾ ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون