تعليمي ادارن ۾ ثقافت، قومي ورثي، زبان جي واڌويجهه لاءِ تسلسل سان نصابي ۽ هم نصابي سرگرميون منعقد ٿيڻ گهرجن: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 26اپریل 2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ثقافت، قومي ورثي، زبان جي واڌويجهه لاءِ تسلسل سان نصابي ۽ هم نصابي سرگرميون منعقد ٿيڻ گهرجن، قومي زبان جو ثقافت سان گهرو تعلق آهي، نئين نسل کي اردو زبان جي فروغ، قومي ورثي سان ڳنڍڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پهريون ڀيرو نئين نسل جي ثقافت، قومي ورثي ۽ زبان سان تعلق مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي سمر انٽرنشپ پروگرام متعارف ڪرائي رهي آهي، ان پروگرام ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون قومي ورثي، ثقافت ۽ زبان جي حوالي سان مختصر ڊاڪيومينٽري، فلم ۽ فوٽو پراجيڪٽ بڻائڻ جي مقابلن ۾ حصو وٺي سگهندا، چين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو پاڪستان اچي تعليم حاصل ڪرڻ سٺو سئوڻ آهي، 30، 35 سال دهشتگردي سبب پاڪستان اسڪرين ٽوئررزم تان غائب رهيو، اسڪرين سياحت جي فروغ لاءِ نجي تعليمي ادارا به پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ثقفات جي مضبوطي سان معاشرا مضبوط ٿين ٿا. هو گذريل ڏينهن نجي اسڪول سسٽم جي 30 هين سالگرهه جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب نجي اسڪول سسٽم جي 30 هين سالگرهه تي اسڪول جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته روٽس اسڪول جا مختلف پروگرام آهن پر هڪ عورت جنهن جو ويزن اڄ هڪ ڦلدار وڻ جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي اها عورت مس مشتاق آهي، سندس ويزن تحت اڄ هي اسڪول سسٽم معياري تعليم، هم نصابي سرگرمين، اسپورٽس، ڪلچرل ۽ ثقافت جي ميدان ۾ به سڀ کان اڳتي آهي. هن چيو ته پرائيويٽ تعليمي ادارا به هڪ ڪمٽمينٽ، جذبي سان تعليم جي فروغ لاءِ مصروف عمل آهن. هن چيو ته تعليمي شعبو تعليم يافته استاد سٺا نتيجا ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور۾ تعليمي معيار تمام بهتر ٿيو آهي، تعليمي ادارن کي به هڪ سٺو ماحول فراهم ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ ثقافت، قومي ورثي، زبان جي واڌويجهه جي تسلسل سان نصابي ۽ هم نصابي سرگرميون منعقد ٿيڻ گهرجن، اسان جي دور ۾ تعليمي ادارن ۾ ثقافتي سرگرميون معمول سان ٿينديون هيون ان ئي ڪري اسان پنهنجي ثقافت، قومي ورثي سان ڳنڍيل آهيون، نئين نسل کي به پنهنجي ثقافت، قومي ورثي سان ائين ئي ڳنڍجي رهڻو پوندو. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي سبب جتي باقي شعبا سخت تاثر ٿيا هئا اتي پاڪستان اسڪرين ٽوئررزم تان پڻ هٽي ويو هو. هن چيو ته نئين نسل کي ثقافت، قومي ورثي ۽ زبان سان ڳنڍڻ جي لاءِ تعليمي ادارن کي به گهرجي ته اهي فلم جا ننڍا ننڍا پراجيڪٽ ۽ ڊاڪيومينٽريز ٺاهين. هن چيو ته هلندڙ گرمين جي موسم جي سرڪاري موڪلن دوران پي ٽي وي ۽ ريڊيو تي اطلاعات واري وزارت پاران تيار ڪيل سمر انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، ان پروگرام ۾ پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به دعوت ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پنهنجي نئين نسل کي ثقافت کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ هم نصابي سرگرمين ۾ عالمي سطح جي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻو آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تعليم جي فروغ لاءِ ڪم ڪندڙ سڀ تحسين لائق آهن. هن چيو ته اندروني ۽ ٻاهرئين سطح تي تعليم حاصل ڪندڙن جي ڪاميابي جي لاءِ دعاگو آهيان. روٽس اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف پرفارمنسز ذريعي پنهنجي اسڪول جي پوري سال جو سفر شرڪت ڪندڙن آڏو رکيو. روٽس اسڪول دنيا جي نمايان يونيورسٽين سان گڏ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون. شاگردن ۽ شاگردياڻين قديم مصر، قديم چين، واديءَ سنڌ، قديم ۽ موجوده يونان جي حوالي سان پڻ پرفارمنس پيش ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو