گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران پهرين پاڻي پاليسي منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 24اپریل 2018ء) گڏيل مفادن واري ڪائونسل پهرين پاڻي پاليسي ۽ پاڪستان واٽر چارٽر جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 37 هون اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ قومي پاڻي پاليسي تي غور ڪيو ويو. پهرين پاڻي پاليسي ۽ پاڪستان واٽر چارٽر تي صحيحن جي لاءِ وزيراعظم آفيس ۾ خصوصي تقريب ٿي. وزيراعظم ۽ چئن وڏن وزيرن پڌرنامي تي صحيحون ڪيون جيڪو متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. ان موقعي تي پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين سرتاج عزيز ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد جاويد علي شاهه جا ٿورا مڃيا ويا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو