ماروي ميمڻ پاران ڏکڻ ڪوريا جي نيشنل هيلٿ انشورنس سروس جو دورو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20ستمبر 2016ء) بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن مملڪتي وزير ماروي ميمڻ 10 ملڪي اي ڊي بي وفد سان گڏ ڏکڻ ڪوريا جي صوبي گينگ وونڊو ۾ نيشنل هيلٿ انشورنس سروس (اين ايڇ آءِ ايس) جو دورو ڪيو. اين ايڇ آءِ ايس ڏکڻ ڪوريا جي هڪ ناليواري سوشل پروٽيڪشن ايجنسي آهي.

دوري جي دوران بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن پرائيم منسٽر هيلٿ انشورنس اسڪيم جي لاءِ مستقبل ۾ انگ اکر گڏ ڪرڻ جي لاءِ اين ايڇ آءِ ايس جي تحقيقي سربراهه هونگ ڪيوب لي ۽ ڊائريڪٽر آءِ آر پارڪ چون سڪ سان بي آءِ ايس پي، وزارت صحت پاڪستان ۽ اين ايڇ آءِ ايس جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو