ملڪ جي مختلف حصن جي 5297 فعال فيڊرز ۾ ڪا به لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي: وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اپریل 2018ء) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ملڪ جي مختلف حصن جي 5297 فعال فيڊرز ۾ ڪا به لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙا صارفين جيڪي بجلي جا بل ادا نه ڪري رهيا آهن انهن کي پنهنجي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته ايل اين جي تي هلندڙ ٻه پلاٽس فعال ٿي ويا ته لوڊشيڊنگ جون تائين ختم ٿي ويندي.

هن ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان چيو ته نيپرا ان معاملي کي ڪي اليڪٽرڪ سان گڏجي ڏسي رهي آهي. ڪي اليڪٽرڪ کي گئس جي فراهمي کانپوءِ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته توانائي واري وزارت شارٽ فال جي حوالي سان روزاني جي بنياد تي پريس رليز جاري ڪري ٿي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون